واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي بلوچسان جي گورنر سان ملاقات

ڪوئٽا -24 فيبروري (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بلوچسان جي گورنر جعفر خان مندوخيل سان گورنر هائوس بلوچسان ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت بلوچستان جي مجموعي صورتحال ۽ علائقائي ۽قومي  معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ترقياتي قدمن، گورننس جي معاملن ۽ صوبي ۾ استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون. ڄام …

ڪوئٽا -24 فيبروري (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بلوچسان جي گورنر جعفر خان مندوخيل سان گورنر هائوس بلوچسان ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت بلوچستان جي مجموعي صورتحال ۽ علائقائي ۽قومي  معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ترقياتي قدمن، گورننس جي معاملن ۽ صوبي ۾ استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون. ڄام ڪمال خان وفاقي حڪومت جي واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ سيڙپڪاري جي سهولت ذريعي بلوچستان جي ترقي لاءِ تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته گورنر مندوخيل صوبي جي معاشي ۽ سياسي منظرنامي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل تعاون تي ٻڌل قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن بلوچستان جي خوشحالي ۽ترقي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں