اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن ۽ خاص هدايتن جي روشني ۾ حج آپريشنز کي مڪمل طور تي جديد بنائڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي طور مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزارت وچ ۾ حج ڊجيٽلائيزيشن لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون. ان منصوبي تحت حج 2027ع جا سمورا مرحلا درخواست جي وصولي کان وٺي واپسي تائين مڪمل طور …
مذهبي معاملن ۽ آءِ ٽي واري وزارت وچ ۾ حج ڊجيٽلائيزيشن لاءِ معاهدو

مزید خبریں
اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن ۽ خاص هدايتن جي روشني ۾ حج آپريشنز کي مڪمل طور تي جديد بنائڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي طور مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزارت وچ ۾ حج ڊجيٽلائيزيشن لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون. ان منصوبي تحت حج 2027ع جا سمورا مرحلا درخواست جي وصولي کان وٺي واپسي تائين مڪمل طور تي ڊجيٽل هوندا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي واضح هدايت هئي ته حج پانڌيئڙن لاءِ پوري عمل کي آسان ۽ شفاف بڻايو وڃي. هن ٻڌايو ته سعودي عرب اڳ ئي پنهنجا سمورا حج معاملا ڊجيٽلائيز ڪري چڪو آهي، اسان جي انهن قدمن سان عالمي سطح جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون ميسر ٿينديون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته ٻنهي وزارتن وچ ۾ ان معاهدي کان پوءِ هاڻي حج درخواست کان وٺي سمورا معاملا ڊجيٽل هوندا. ان جديد نظام سان ڪم جي رفتار وڌندي ۽ انساني غلطين يا دير جا خدشا ختم ٿي ويندو. مفاهمتي يادداشت تي ڊي جي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ڊاڪٽر خالد رفيق ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حج محمد بخش سانگي صحيحيون ڪيون. ان موقعي تي ٻئي وزير موجود هئا. تقريب ۾ مذهبي معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ساجد محمود چوهان ۽ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان به شريڪ هئا.











