اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پي ٽي آءِ باني جي صحت اڳ کان بهتر آهي ۽ تازيون ميڊيڪل رپورٽون تسلي ڏيندڙ آهن. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ هن ٻڌايو ته مڪمل طبي معائني کان پوءِ دل جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ٻين اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن اي سي جي سميت مختلف ٽيسٽون ڪيون، جن جي رپورٽن موجب ڪا به پيچيدگي سامهون …
پي ٽي آءِ جي باني جي صحت اڳ کان بهتر آهي، تازيون ميڊيڪل رپورٽون تسلي ڏيندڙ آهن: قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پي ٽي آءِ باني جي صحت اڳ کان بهتر آهي ۽ تازيون ميڊيڪل رپورٽون تسلي ڏيندڙ آهن. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ هن ٻڌايو ته مڪمل طبي معائني کان پوءِ دل جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ٻين اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن اي سي جي سميت مختلف ٽيسٽون ڪيون، جن جي رپورٽن موجب ڪا به پيچيدگي سامهون ناهي آئي. هن چيو ته پروفيسر آف ميڊيسن به طبي معائنو ۽ مشورو ڪيو ۽ سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کيس ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اسپتال ۾ داخلا جي ضرورت نه هئي. اهو بيان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مڪمل ڄاڻ وٺڻ کان پوءِ ڏنو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته ان معاملي ۾ ڳڻتي جي ڪا به ڳالهه ناهي. هن واضح ڪيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي دائره اختيار ۾ رهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ حڪومت عدالت جي هدايت تي ڊاڪٽرن جو بورڊ جوڙيو. هن چيو ته ايگزيڪيوٽو آئين ۽ قانون موجب پنهنجا اختيار استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به قيدي کي پرڏيهه موڪلڻ يا آزاد ڪرڻ ايگزيڪيوٽو جو اختيار ناهي پر عدالتن جو دائره اختيار آهي ڇاڪاڻ ته هو هڪ سزا يافته قيدي آهي، انهي لاءِ سندس ڪيس قانون موجب ۽ ٻين شهرين وانگر ٻڌا ويندا. هن آئين جي آرٽيڪل 25 جو حوالو ڏيندي چيو ته قانون جي نظر ۾ سمورا شهري برابر آهن ۽ ڪنهن کي عهدي يا حيثيت جي بنياد تي خاص رعايت ناهي ڏني ويندي. قانون واري وزير سياسي قيادت تي زور ڀريو ته پارليامينٽ ئي مناسب فورم آهي ۽ معاملن کي آئيني دائري ۾ رهندي حل ڪرڻ گهرجي. هن هٿياربند فوج کي سياست کان پري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته فوج ملڪي سرحدن جي دفاع ۾ مصروف آهي ۽ پوري قوم کي ان مٿان فخر آهي. فلسطين ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اجلاس ۾ شرڪت دوران پاڪستان جو موقف اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو، جنهن کي پرڏيهي محاذ تي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏئي سگهجي ٿو.











