وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڪوهاٽ جي علائقي ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڪوهاٽ جي علائقي ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، گهرو وزير محسن نقوي، شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي اسد محمود ۽ 4 اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد ڊي ايس پي اسد محمود ۽ شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي …

اسلام آباد-24 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڪوهاٽ جي علائقي ۾ پوليس گاڏي تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، گهرو وزير محسن نقوي، شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي اسد محمود ۽ 4 اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد ڊي ايس پي اسد محمود ۽ شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڊي ايس پي اسد محمود ۽ چئني اهلڪارن شهادت جو عظيم رتبو حاصل ڪيو. شهيد ڊي ايس پي اسد محمود ۽ اهلڪارن پنهنجو اڄ قوم جي سڀاڻي تي قربان ڪيو. شهيدن جي لازوال قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. ڏک جي گهڙي ۾ شهيد ڊي ايس پي اسد محمود ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. 

مزید خبریں