اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته عمران خان جي اک جي ٻئي طبي پروسيجر لاءِ حڪومت سموريون قانوني ۽ انساني گهرجون پوريون ڪندي کيس سخت سيڪيورٽي انتظامن ۾ پمز اسپتال منتقل ڪيو. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هن چيو ته ڊاڪٽرن جي هدايت موجب پهرين پروسيجر کان پوءِ بينائي ۾ بهتري آئي، جنهن کي …
عمران خان جي اک جي ٻئي طبي پروسيجر لاءِ حڪومت سموريون قانوني ۽ انساني گهرجون پوريون ڪيون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته عمران خان جي اک جي ٻئي طبي پروسيجر لاءِ حڪومت سموريون قانوني ۽ انساني گهرجون پوريون ڪندي کيس سخت سيڪيورٽي انتظامن ۾ پمز اسپتال منتقل ڪيو. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هن چيو ته ڊاڪٽرن جي هدايت موجب پهرين پروسيجر کان پوءِ بينائي ۾ بهتري آئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي علاج جي ماهرن ٻئي پروسيجر جي سفارش ڪئي. اڄ اهو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو ۽ ميڊيڪل ٽيم جي ڪليئرنس کان پوءِ کيس واپس اڊيالا منتقل ڪيو ويو آهي. عمران خان کي آئينده انجيڪشن 24 مارچ تي لڳائي ويندي. هن چيو ته هر قيدي کي قانون موجب طبي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري اهي ۽ ان معاملي ۾ به سمورا انتظام شفاف ۽ ضابطي موجب ڪيا ويا.











