اسلام آباد _ 24 فيبروري (اي پي پي)سينٽرل جيل اڊياله ۾ قيد پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اک جي علاج جي ٻي ڊوز لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز ) آندو ويو، ان کان پوءِ کيس واپس روانو ڪيو ويو .پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پريس ريليز مطابق پروسيجر کان اڳ ماهر ڊاڪٽرن جي بورڊ سندس معائنو ڪيو. ڪنسلٽنٽ ڪارڊيالاجسٽ ايڪو ڪارڊيوگرافي ۽ اي سي جي جنهن …
عمران خان جي اک جي علاج جي ٻي ڊوز لاءِ پمز آندو ويو، ضروري علاج بعد واپس روانو ڪيو ويو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز

مزید خبریں
اسلام آباد _ 24 فيبروري (اي پي پي)سينٽرل جيل اڊياله ۾ قيد پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اک جي علاج جي ٻي ڊوز لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز ) آندو ويو، ان کان پوءِ کيس واپس روانو ڪيو ويو .پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پريس ريليز مطابق پروسيجر کان اڳ ماهر ڊاڪٽرن جي بورڊ سندس معائنو ڪيو. ڪنسلٽنٽ ڪارڊيالاجسٽ ايڪو ڪارڊيوگرافي ۽ اي سي جي جنهن جو نتيجو نارمل آهي جڏهن ته ڪنسلٽنٽ فزيشن به سندس طبي معائنو ڪيو جنهن بعد ڊاڪٽرن کيس طبي طورتي مستحڪم قرار ڏنو . ضروري رضامندي حاصل ڪرڻ بعد آپريشن ٿيٽر ۾ سمورا احتياطي قدم ۽ مانيٽرنگ سان پمز ۽ الشفا آءِ هاسپيٽل جي ڪنسلٽنٽس، آءِ اسپيشلسٽ ۽ وٽريو ريٽينل سرجن خوردبين جي مدد سان اينٽي وي جي ايف جو انٽراوٽريل انجيڪشن لڳايو . اهو عمل ڊي ڪيئر سرجري جي طور تي مڪمل ڪيو ويو . اسپتال مطابق علاج کان پهريان، ان دوران ۽ بعد ۾ سندس طبي حالت تسلي بخش رهي . ڪامياب پروسيجر بعد کيس احتياطي هدايت، فالو اپ مشوري ۽ لاڳاپيل ڪاغذن سان واپس موڪليو ويو.











