واشنگٽن _24 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪا جي اتر ۾ شديد برفاني طوفان سبب 7 رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيويارڪ سٽي جي ميئر ظهران ممداني ۽ ٻين اختيارين شهرين تي زور ڀريو آهي ته ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ته جيئن عملو روڊن کي صاف ڪري سگهي. اهڙي طرح نيويارڪ کان علاوه ويجهي علائقن ۾ به اسڪول بند آهن . ظهران …
آمريڪا جي اتر ۾ شديد برفاني طوفان، 7 رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو

مزید خبریں
واشنگٽن _24 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪا جي اتر ۾ شديد برفاني طوفان سبب 7 رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيويارڪ سٽي جي ميئر ظهران ممداني ۽ ٻين اختيارين شهرين تي زور ڀريو آهي ته ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ته جيئن عملو روڊن کي صاف ڪري سگهي. اهڙي طرح نيويارڪ کان علاوه ويجهي علائقن ۾ به اسڪول بند آهن . ظهران ممداني چيو ته نيويارڪ ۾ هنگامي صورتحال برقرار آهي ۽ سفر بابت ايڊوائيزري به موجود آهي . موسميات کاتي سان لاڳاپيل موسميات جي ماهر باب اورويڪ مطابق نيويارڪ سٽي جي سينٽرل پارڪ ۾ منجهد هڪ وڳي تائين 48 سينٽي ميٽر کان وڌيڪ برف پئي جڏهن ته بوسٽن ۾ 14 انچ تائين برفباري ٿي . رپورٽس مطابق علائقي ۾ هلندڙ هوا جي رفتار 40 کان 60 ميل في ڪلاڪ تائين پهچي رهي آهي ، شديد برفباري به ٿي رهي آهي . فلاڊيفيا ۾ 14 انچ برف پئي آهي. مختلف ايئر لائنز جون 7 هزار 400 اڏامون ملتوي ڪيو ويون ۽ انهن ۾ اهي اڏامون به شامل هيون جيڪي جان ايف ڪينڊي، لوگن ۽ نيوجرسي جي هوائي اڏن تان اڏام ڀرينديون آهن.











