دوحه – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوحه جي ڪنگ حمد عالمي هوائي اڏي تي قطر جي پرڏيهي معاملن واري وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي، قطر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير محمد عامر ۽ سفارتي عملي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو

مزید خبریں
دوحه – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوحه جي ڪنگ حمد عالمي هوائي اڏي تي قطر جي پرڏيهي معاملن واري وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي، قطر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير محمد عامر ۽ سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٻطرفي ملاقات ڪندو جنهن ۾ اقتصادي تعاون، توانائي جي حصيداري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا جي حوالي سان تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي ڌريون واپار، سيڙپڪاري، توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ افرادي قوت جي برآمد جي شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. بيان موجب وزيراعظم جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو.











