راولپنڊي-23 فيبروري (اي پي پي)ڪي پي ڪي جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 23 فيبروري تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ هڪ آپريشن ڪيو جتي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو هو. آپريشن دوران فورسز خوارجين …
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي، فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-23 فيبروري (اي پي پي)ڪي پي ڪي جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 23 فيبروري تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ هڪ آپريشن ڪيو جتي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو هو. آپريشن دوران فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 4 خوارجين کي ماريو ويو. فوت ٿيل ڀارتي سرپرستي خوارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم هئا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به وڌيڪ ڀارتي سرپرستي يافته خوارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي اپيڪس ڪميٽيءَ جي منظور ڪيل ويزن عزم استحڪام تحت دهشتگرديءَ خلاف جاري بنا فرق جي مهم پوري قوت سان جاري رهندي ته جيئن پرڏيهي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.











