اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ پُرعزم آهن، پنهنجي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکون ٿا، دهشتگرديءَ خلاف فيصلائتيون ڪارروايون جاري رهنديون. سينيٽ اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ تازن دهشتگردن حملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار …
پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ پُرعزم آهن، دهشتگرديءَ خلاف فيصلائتيون ڪارروايون جاري رهنديون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ پُرعزم آهن، پنهنجي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکون ٿا، دهشتگرديءَ خلاف فيصلائتيون ڪارروايون جاري رهنديون. سينيٽ اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ تازن دهشتگردن حملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن بنون ۽ باجوڙ ۾ ٿيل آپگهاتي حملن جو ذڪر ڪيو جن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي. هن مانسهره سان تعلق رکندڙ هڪ شهيد آفيسر جو حوالو ڏيندي چيو ته سندس امڙ ميڊيا سان ڳالهين ۾ چيو ته جيڪڏهن سندس وڌيڪ پُٽ فوج ۾ هجن ها ته اهي به وطن تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. وفاقي وزير چيو ته شهيد جي ننڍي نياڻي به پنهنجي والد تي فخر جو اظهار ڪيو ۽ کيس پنهنجو آئيڊيل قرار ڏنو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته قوم صرف جنازن کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته تازن حملن جا ثبوت افغانستان سان ملن ٿا ۽ ڪجهه حملي آورن ۽ سهولتڪارن جو تعلق افغان ڌرتي سان ٻُڌايو ويو آهي. هن ايوان کي آگاهه ڪيو ته 21 فيبروري تي افغانستان جي صوبن ننگرهار، پڪتيا ۽ـ خوست ۾ ڳجهي بنيادن تي ڪارروايون ڪيون ويون جن ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي مبينه اهم عنصرن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون انتهائي درستگي سان ڪيون ويون ۽ ان ۾ صرف دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ تربيتي مرڪزن کي هدف بنايو ويو. وفاقي وزير ان تاثر کي رد ڪيو ته انهن حملن ۾ شهري آبادي، مسجدن يا مدرسن کي نشانو بڻايو ويو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت افغانستان سان اڄ به امن جو خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿو ته ٻئي ملڪ گڏيل سهڪار سان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪن، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان خلاف ڪارروايون جاري رهيون ته ملڪ پنهنجي دفاع جي حق تحت قدم جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان کي ڪمزور سمجندڙ ڌُرين کي اهو پيغام ملڻ گهرجي ته قوم، سياسي قيادت ۽ـ هٿياربند فوج متحد آهن. هن وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت جي عزم جو حوالو ڏيندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. هن خطاب جي پڄاڻيءَ تي شهيدن جي خاندانن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ قوم انهن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي هڪ هڪ شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار جي رت جو حساب ورتو ويندو ۽ وطنِ عزيز جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪيو ويندو.











