اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان ايمبولينسن تي دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن حملي جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي 3 جوانن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير حملي کي انسانيت کان ڪِريل فعل قرار ڏيندي چيو ته ايمبولينسن جهڙين …
وفاقي گهرو وزير پاران ڪرڪ ۾ ايمبولينسن تي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت، 3 اهلڪارن کي خراجِ عقيدت

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان ايمبولينسن تي دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن حملي جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي 3 جوانن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير حملي کي انسانيت کان ڪِريل فعل قرار ڏيندي چيو ته ايمبولينسن جهڙين طبي گاڏين کي نشانو بڻائڻ بدترين وحشياڻو عمل آهي. سندس چوڻ هو ته وحشين ايمبولينسن تي حملو ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سندن ڪنهن مذهب يا انسانيت سان ڪو تعلق ناهي، اهي بزدلاڻيون ڪارروايون بدترين رتوڇاڻ جو مظاهرو آهي. محسن نقوي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيدن جي لازوال قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي. هن وڌيڪ چيو ته قوم انهن بهادر جوانن جي قرضي آهي جن ملڪ خاطر جانين قربان ڪيون. شهيد جا خاندان اسان سر جا تاج آهن. رياست ساڻن هميشه گڏ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيندي. گهرو وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي بهترين ۽ جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن سندن جلد صحتيابي ممڪن ٿي سگهي.











