اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناالله چيو آهي ته جمهورت تڪرار ۽ دير بدران ڳالهين سان مضبوط ٿئي ٿي. هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجه ناصر عباس طرفان کنيل مختلف نڪتن جو جواب ڏيندي اپوزيشن تي زور ڀريو ته هو قومي مسئلن جي حل ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. هن …
جمهوريت تڪرار ۽ دير بدران ڳالهين سان مضبوط ٿئي ٿي: راڻا ثناالله

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناالله چيو آهي ته جمهورت تڪرار ۽ دير بدران ڳالهين سان مضبوط ٿئي ٿي. هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجه ناصر عباس طرفان کنيل مختلف نڪتن جو جواب ڏيندي اپوزيشن تي زور ڀريو ته هو قومي مسئلن جي حل ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته موجوده حڪومت، هميشه اپوزيشن کي دعوت ڏني ته هو اڳتي وڌي ۽ معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي، حڪومت چاهي ٿي ته اپوزيشن جمهوري عمل ۾ موثر ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته افسوس آهي ته اپوزيشن سياسي عمل جو حصو بڻجڻ تي آماده ناهي جنهن سبب بار بار دير جي ڪيفيت پيدا ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ باني کي صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان هن چيو ته قانون مطابق سموريون موجود سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جو ڊاڪٽرن جي پينل ذريعي طبي معائنو به ڪرايو ويو. پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيسن جي باري ۾ هن چيو ته عدالتون ئي مناسب فورم آهن ۽ اهي کيس قانون مطابق رليف ڏئي سگهن ٿيون.










