حيدرآباد-23 فيبروري (اي پي پي) ڄامشورو جي حدن ۾ ايم-9 موٽر وي تي ايمبولينس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ريسڪيو 1122 جي نرسنگ عملي جو هڪ ڪارڪن فوت، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب فوت ٿيل ڪارڪن جي سُڃاڻپ فيضان مڱريو جي نالي سان ٿي جيڪو خيرپور ضلعي جو رهواسي هو. حادثي جي نتيجي ۾ عمران شاهه، صغير مڱريو، شهنشاهه شاهه ۽ ايمبولينس …
ڄامشورو جي حدن ۾ ايم-9 موٽر وي تي ايمبولينس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ريسڪيو 1122 جو ڪارڪن فوت، 4 زخمي

مزید خبریں
حيدرآباد-23 فيبروري (اي پي پي) ڄامشورو جي حدن ۾ ايم-9 موٽر وي تي ايمبولينس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ريسڪيو 1122 جي نرسنگ عملي جو هڪ ڪارڪن فوت، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب فوت ٿيل ڪارڪن جي سُڃاڻپ فيضان مڱريو جي نالي سان ٿي جيڪو خيرپور ضلعي جو رهواسي هو. حادثي جي نتيجي ۾ عمران شاهه، صغير مڱريو، شهنشاهه شاهه ۽ ايمبولينس ڊرائيور محمد ياسين مڱريو زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.











