اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ جي 359هين اجلاس دوران غور آيل قانونسازي جي معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪميٽي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ٿيندڙ قانونسازيءَ جو جائزو ورتو ۽ اهم قوم۽ عالمي معاملن تي بحث کي به اجلاس جي ايجنڊا جو حصو بنائڻ تي اتفاق …
سينيٽ چيئرمين جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ جي 359هين اجلاس دوران غور آيل قانونسازي جي معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪميٽي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ٿيندڙ قانونسازيءَ جو جائزو ورتو ۽ اهم قوم۽ عالمي معاملن تي بحث کي به اجلاس جي ايجنڊا جو حصو بنائڻ تي اتفاق ڪيو. هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي فيصلو ڪيو ته موجوده اجلاس 3 مارچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڪميٽي اجلاس ۾ سينيٽ جي مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ناصر عباس، سينيٽر راڻا ثناءُ الله، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر منظور احمد، سينيٽر حاجي هدايت الله خان،سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ڪميٽيءَ کي موجوده اجلاس دوران اُڪلايل قانونسازي جي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.











