اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ 4 نجي بل گڏيل طور تي منظور ڪيا ويا. منظور ٿيل بلن ۾ زڪواة ۽ عشر (ترميمي) بل 2025ع، اسلام آباد ڪيپيٽيل ٽيريٽري ۾ جسماني سزا تي پابندي بابت (ترميمي) بل 2022ع، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل (ترميمي) بل 2023ع ۽ ضابطه فوجداري (ترميمي) بل 2024ع شامل آهن. اهي بل ايوان ۾ سينيٽر ضمير حسين گهمرو، سعديه عباسي ۽ شهادت اعواڻ طرفان …
سينيٽ اجلاس ۾ 4 نجي بل گڏيل طور تي منظور
اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ 4 نجي بل گڏيل طور تي منظور ڪيا ويا. منظور ٿيل بلن ۾ زڪواة ۽ عشر (ترميمي) بل 2025ع، اسلام آباد ڪيپيٽيل ٽيريٽري ۾ جسماني سزا تي پابندي بابت (ترميمي) بل 2022ع، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل (ترميمي) بل 2023ع ۽ ضابطه فوجداري (ترميمي) بل 2024ع شامل آهن. اهي بل ايوان ۾ سينيٽر ضمير حسين گهمرو، سعديه عباسي ۽ شهادت اعواڻ طرفان پيش ڪيا ويا. ايوان انهن بلن جي شق وار منظوري ڏني. هوڏانهن سينيٽ چيئرمين ٻن بلن البيروني انٽرنيشنل يونيورسٽي بل 2025ع ۽ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي بل 2026ع تي تفصيلي غور ويچار لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين حوالي ڪري ڇڏيو. سينيٽرز خالد طاهر ۽ شيري رحمان ايوان ۾ البيروني انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد جي قيام بابت بل (البيروني انٽرنيشنل يونيورسٽي بل 2025ع) ۽ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي بل 2026ع پيش ڪيو.












