درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 12 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 …

اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 12 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 39 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 33 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج ۾ پاڻي جي آمد 5 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1477.31 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.109 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1178.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.001 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 642.60 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.077 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں