اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پشين ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير پنجن دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحين کي ساراهيو. هن چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت تي فخر آهي. بهادر سپوتن وقت سر …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پشين ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -23 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پشين ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير پنجن دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحين کي ساراهيو. هن چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت تي فخر آهي. بهادر سپوتن وقت سر ڪارروائي ڪري فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروائيون تحسين جوڳيون آهن.











