اسلام آباد-23 فيبروري(اي پي پي) اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائزيشن ( ايس سي او ) ملڪ جي ڏورانهن جابلو علائقن ۾ جديد مواصلاتي سهولت جي فراهمي لاءِ متحرڪ آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڏکين علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ مستحڪم نيٽ ورڪ جي فراهمي سان مقامي آبادي کي نمايان سهولت ملي آهي. ايس سي او جي تازين ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ نيٽ جي سروس جي فراهمي مقامي …
ايس سي او ملڪ جي ڏورانهن جابلو علائقن ۾ جديد مواصلاتي سهولت لاءِ سرگرم

مزید خبریں
اسلام آباد-23 فيبروري(اي پي پي) اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائزيشن ( ايس سي او ) ملڪ جي ڏورانهن جابلو علائقن ۾ جديد مواصلاتي سهولت جي فراهمي لاءِ متحرڪ آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڏکين علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ مستحڪم نيٽ ورڪ جي فراهمي سان مقامي آبادي کي نمايان سهولت ملي آهي. ايس سي او جي تازين ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ نيٽ جي سروس جي فراهمي مقامي زندگي تي بهتر اثر وڌو آهي. جديد انٽر نيٽ سروس 4 -جي جي فراهمي سان نه رڳو شاگرن کي آن لائن تعليم تائين پهنچ حاصل ٿي آهي پر فري لانسرز ۽ آن لائن ڪاروبار سان وابسته ماڻهن لاءِ به نوان موقعا پيدا ٿيا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پهرين فري لانسنگ سان وابسته نوجوانن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ گلگت يا راولپنڊي وڃڻو پوندو هيو هاڻي هو اباڻن علائقن ۾ رهندي آساني سان آن لائن خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. شهرين موجب پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهون به 4 – جي سروس سبب پنهنجي خاندان سان لڳاتار رابطي ۾ رهن ٿا . جنهن سان سماجي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. مقامي ماڻهن مواصلات جي شعبي ۾ ايس سي او جي خدمتن کي ساراهيندي ٿورو مڃيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙن قدمن جو سلسلو جاري رهندو ته جئين ڏورانهن علائقن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.











