ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي سهولت ڪاري، پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال

اسلام آباد - 23 فيبروري (اي پي پي)مالي سال 26- 2025ع جي 7 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي منافعي جي فراهمي 1.7 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فعال حڪمت عملي ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪاروباري عمل ۾ آسانين، پاليسي تسلسل ۽ موثر اداراجاتي رابطن سيڙپڪاري …

اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي)مالي سال 26- 2025ع جي 7 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي منافعي جي فراهمي 1.7 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فعال حڪمت عملي ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪاروباري عمل ۾ آسانين، پاليسي تسلسل ۽ موثر اداراجاتي رابطن سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻايو آهي. ايس آءِ ايف سي اختيارين مطابق اسٽيٽ بينڪ جي جاري ڪيل انگ اکرن مطابق مالي سال 26-2025ع جي شروعاتي 7 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري تي منافعي جي فراهمي 1.7 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي ، جيڪا گذريل مدي جي ڀيٽ ۾ نمايان اضافو ظاهر ڪري ٿي . هلندڙ مالي سال جي ان عرصي ۾ پرڏيهي ڪمپنين طرفان منافعي جي واپسي ۾ 27.92 سيڪڙو جو اضافو رڪارد ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق توانائي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪار ڪمپنين 400.19 ملين ڊالرن جڏهن ته مالياتي شعبي ۾ 371.33 ملين ڊالرم جي منافعي جي مد ۾ پرڏيهه جي ملڪن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. ماهرن مطابق منافعي جي وقتائتي ۽ شفاف فراهمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي هوندي آهي ۽ اها ڳالهه ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ماحول مستحڪم ۽ اعتماد جوڳو ٿي رهيو آهي. رپورٽ مطابق  سڀ کان وڌيڪ منافعي جي واپسي برطانيه ڏانهن 442.76 ملين ڊالرن ۽ چين ڏانهن 413.11 ملين ڊالرن جي صورت ۾  ڪئي وئي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي پاڪستان ۾ نماياب سيڙپڪاري جي عڪاسي ڪري ٿي. معاشي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ، پاليسين جي تسلسل ۽ ڪاروباري سڌارن، پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط ڪيو آهي. ايس آءِ ايف سي جي مربوط سهولتڪاري، ون ونڊو آپريشن ۽ ادارا جاتي هم آهنگي سيڙپڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر  بڻايو آهي. ماهرن مطابق پرڏيهي سيڙپڪارن جو وڌندڙ اعتماد نه صرف معاشي استحڪام جي علامت آهي پر اهو مستقبل ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي امڪان کي به روشن بڻايو آهي، جنهن سان روزگار جا موقعا ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ملندي.

مزید خبریں