اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس تازي مقرري تي مبارڪون ڏنيون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۽ گهڻ رخي فورمن تي …
پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر خليل الرحمان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس تازي مقرري تي مبارڪون ڏنيون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام لاءِ مستقبل تي ٻڌل حصيداري کي هٿي ڏئي سگهجي.











