اسلام آباد -22 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڀريندي چيو آهي، ته اسڪائوٽس کي گرين ۽ موسمياتي لحاظ کان محفوظ پاڪستان لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجي. اسڪائوٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي پنج لک کان وڌيڪ اسڪائوٽس مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري …
اسڪائوٽس کي گرين ۽ موسمياتي لحاط کان محفوظ پاڪستان لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجي: صدر مملڪت آصف علي زرداري جو اسڪائوٽس جي عالمي ڏينهن تي پيغام
اسلام آباد -22 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڀريندي چيو آهي، ته اسڪائوٽس کي گرين ۽ موسمياتي لحاظ کان محفوظ پاڪستان لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجي. اسڪائوٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي پنج لک کان وڌيڪ اسڪائوٽس مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري اسڪائوٽ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته اسڪائوٽنگ نوجوانن جي جسماني، ذهني ۽ روحاني واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. صدر مملڪت نوجوانن جي ڪردار سازي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته قائداعظم اسڪائوٽنگ کي نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ اهم قرار ڏنو هو. اسڪائوٽس کي گرين ۽ موسمياتي لحاط کان محفوظ پاڪستان لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجي. هن منشيات کان پاڪ ۽ ڊجيٽو طور تي بااختيار قوم جي جوڙجڪ کي اهم قرار ڏيندي چيو ته هنگامي حالتن ۽ ڊيزاسٽر مينجمينٽ ۾ اسڪائوٽس جو ڪردار اڻٽر آهي. هن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي ۾ اسڪائوٽس جي فعال شموليت کي به ضروري قرار ڏنو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن عالمي سطح تي وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي ۽ اسڪائوٽس قوم جي تعمير ۾ سرگرم ثابت ٿيندا.












