پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب، قطر، ڪويت، عمان ۽ بحرين سميت مسلم ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، او آءِ سي، عرب ليگ، نار سهڪار ڪائونسل پاران اسرائيل ۾ آمريڪي سفير جي بيانن جي مذمت

اسلام آباد -22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب، قطر، ڪويت، عمان ۽ بحرين سميت مسلم ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، او آءِ سي، عرب ليگ، نار سهڪار ڪائونسل پاران اسرائيل ۾ آمريڪي سفير جي بيانن جي مذمت ڪندي ان کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي، پرڏيهي وزارت پاران جاري گڏيل بيان ۾ پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب …

اسلام آباد -22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب، قطر، ڪويت، عمان ۽ بحرين سميت مسلم ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، او آءِ سي، عرب ليگ، نار سهڪار ڪائونسل پاران اسرائيل ۾ آمريڪي سفير جي بيانن جي مذمت ڪندي ان کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي، پرڏيهي وزارت پاران جاري گڏيل بيان ۾ پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب اامرات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب، قطر، ڪويت، عمان، بحرين، لبنان، شام ۽ فلسطين رياست جي پرڏيهي وزيرن، اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، عرب ليگ ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي سيڪريٽريٽس اسرائيل ۾ آمريڪي سفير جي انهن بيانن جي شديد مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جن ۾ آمريڪي سفير اسرائيل عرب رياستن سان تعلق رکندڙ علائقن سميت والاريل اولهندي ڪناري تي اسرائيلي ڪنٽرول کي قبول جوڳو قرار ڏنو. بيان ۾ اهڙن خطرناڪ ۽ چڙ ڏياريندڙ رمارڪس کي قطعي طور تي رد ڪرڻ جي توثيق ڪئي وئي، جيڪي عالمي قانون جي اصولن ۽ گڏيل قومن جي منشور جي ڀڃڪڙي ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن، بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته اهي بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل ويزن ۽ غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي سان سڌي ريت ٽڪراءَ ۾ آهن، جيڪو ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ هڪ اهڙي سياسي حل جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن سبب فلسطيني عوام کي پنهنجي آزادي رياست قائم ڪرڻ جو موقعو ملي. هنن واضح ڪيو ته صدر ٽرمپ جو منصوبو رواداري ۽ پرامن گڏيل بقا کي هٿي وٺائڻ تي ٻڌل آهي، جڏهن ته ٻين سر زمين تي ڪنٽرول کي جائز قرار ڏيندڙ بيان ان مقصدن کي نقصان پهچائيندي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪندي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ بدران چڙ ڏيارڻ جو سبب بڻجن ٿا. بيان ۾ ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ويو ته اسرائيل کي والاريل فلسطيني علائقن يا ڪنهن به ٻئي والاريل عرب سر زمين تي ڪنهن به قسم جي خودمختياري حاصل ناهي. اسلامي ملڪن اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ يا ان کي غزه جي پٽي کان ڌار ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان رد ڪندي والاريل فلسطيني علائقن ۾ وسندين جي توسيع جي شديد مخالفت ڪئي ۽ عرب رياستن جي خودمختياري خلاف ڪنهن به خطري کي قطعي طور قبولڻ نه جوڳو قرار ڏنو. بيان ۾ خبردار ڪيو ويو ته اسرائيل جي توسيع پسنداڻيون پاليسيون ۽ غيرقانوني قدمن جو تسلسل خطي  ۾ تشدد ۽ تڪرار کي وڌائيندو ۽ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. هن اهڙن چڙ ڏياريندڙ بيانن کي روڪڻ جو مطالبو ڪندي فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن موجب ان جي آزاد رياست جي قيام، سمورن عرب علائقن مان قبضي جي خاتمي لاءِ پنهنجن ملڪن جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.