پارلياماني معاملن واري وزارت، پارلياماني معاملن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پارلياماني معاملن واري وزارت افرادي قوت ۽ ذيلي کاتن جي لحاظ کان سڀ کان ننڍي وزارت هجڻ باوجود پارلياماني معاملن جي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪا جي تازي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم …

اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پارلياماني معاملن واري وزارت افرادي قوت ۽ ذيلي کاتن جي لحاظ کان سڀ کان ننڍي وزارت هجڻ باوجود پارلياماني معاملن جي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪا جي تازي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قائداڻي صلاحيتن ۽ شخصيت جي حوالي سان جيڪا واکاڻ ڪئي آهي، دنيا کي پاڪستان جي حوالي سان هڪ مثبت پيغام ڏنو ويو آهي. وزيراعظم پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي کي خاص طور تي ساراهيو آهي. ”اي پي پي“ کي خصوصي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت جو عملو ٻين وزارتن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهٽ آهي پر اها سمورين وزارتن کان وڌيڪ اهميت واري وزارت آهي، پارليامينٽ جو سمورو ڪارونهوار انهي وزارت ذريعي ٿئي ٿو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن دوران سمورين وزارتن جي نمائندگي به ايوان ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ڪندي آهي، قانونسازي ۾ پارلياماني معاملن جو ڪردار اهميت وارو هوندو آهي ۽ قانون واري وزارت سان گڏجي اسان اهو سمورو ڪم ڪندا آهيون. هن چيو ته سمورا حڪومتي بلز پارلياماني معاملن واري وزارت آڻيندي آهي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي آرڊر آف دي ڊيز به پارلياماني معاملن واري وزارت جي ذريعي ئي ايندا آهن. هن چيو ته هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اسان ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ پيپر به شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي جو تفصيلي احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سمورين وزارتن جي پارليامينٽ بابت سوالن، ڌيان ڇڪايو نوٽسز ۽ سمورا ٻيا معاملا ايوان ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ذريعي پڄاڻي تي پهچندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي جي خصوصي واکاڻ ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو فيصلو وزيراعظم ڪندو آهي، شهباز شريف هڪ بهترين ڪپتان وانگر بهترين ڪم ڪندڙ کي شاباش ڏيندو آهي ۽ بهتر ڪم نه ڪندڙن جي ڪَن مهٽ به ٿيندي آهي. هن چيو ته ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ئي ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو فيصلو وزيراعظم ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 10 اسٽينڊنگ ڪميٽين جا چيئرمين تحريڪ انصاف مان آهن. هر ڪميٽي ۾ انهن جا چار کان 5 ميمبر موجود آهن جڏهن ته جن 10 ڪميٽين جا چيئرمين تحريڪ انصاف مان هئا، انهن جي استعيفائن کانپوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت انهن کي ڪم کان روڪيو ويو هو. مون اسپيڪر کي اها تجويز به ڏني هئي ته اسان انهن ڪميٽين جا اجلاس منعقد ڪرائڻ لاءِ ريڪوزيشن ڪري سگهون ٿا، جنهن کانپوءِ ڪميٽين ريڪوزيشن ذريعي پنهنجو ڪم اڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا اجلاس به ريڪوزيشن ذريعي ئي لڳاتار ٿي رهيا آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورننس جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهربل آهي، اسان مشڪل حالتن ۾ حڪومت سنڀالي، وزيراعظم شهباز شريف محنت سان ڪم ڪري ٿو. تحريڪ انصاف جي خواهش هئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ۽ ماڻهو تاڙيون وڄائن. هن چيو ته اڄ ملڪ جا معاشي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن، پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته زراعت،معيشت، موسمياتي تبديلي ۽ آءِ ٽي وغيره جي شعبن ۾ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي، اسان اتحادي پارٽين جا شڪر گذار آهيون جن جي تعاون سان اسان ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي دهشتگردي درپيش آهي جيڪا هڪ چئلينج آهي، ان جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڀارت خلاف آپريشن بنيان المرصوص ۾ بي مثال ڪاميابي کانپوءِ اسلامي دنيا سميت پوري دنيا پاڪستان کي هڪ مختلف زاويي ۽ نقطه نظر سان ڏسي رهي آهي. هن چيو ته ان جو سڀ کان وڏو مثال وزيراعظم جي آمريڪا جي تازي دوري دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قائداڻي صلاحيتن ۽ شخصيت جي حوالي سان جيڪا واکاڻ ڪئي آهي، دنيا کي ان مان پاڪستان جي حوالي سان هاڪاري پيغام ويو آهي ته ڪهڙي طرح پاڪستان اڀري رهيو آهي. هن چيو ته انشاءُ الله ملڪ وڌيڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندو.

مزید خبریں