پاڪستان ۾ اسڪائوٽنگ کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکيا ويندا: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آي،ت ه اسڪائوٽس نوجوان نسل جي ڪردار سازي، نظم و ضبط، حب الوطني ۽ انسانيت جي خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسڪائوٽس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته اسڪائوٽ تحريڪ نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين …

اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آي،ت ه اسڪائوٽس نوجوان نسل جي ڪردار سازي، نظم و ضبط، حب الوطني ۽ انسانيت جي خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسڪائوٽس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته اسڪائوٽ تحريڪ نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ ۽ کين معاشري جو زميوار شهري بنائڻ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي اسڪائوٽس قدرتي آفتن، هنگامي حالتن ۽ سماجي خدمت جي مختلف شعبن ۾ هميشه اهم حصو ورتو آهي، جيڪو تعريف جوڳو آهي. هن ان عزم جو اظهار به ڪيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۽ کين هاڪاري تربيت لاءِ اسڪائوٽنگ جهڙن ادارن کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن معاشري ۾ تعاون، ڀائيچاري، ۽ خدمت خلق جي جذبي کي هٿي وٺائي سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي پيغام ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوان نسل ملڪ جو قيمتي سرمايو آهي ۽ اسڪائوٽ تحريڪ کين قيادت، خوداعتمادي ۽ قومي ترقي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. هن اسڪائوٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته پاڪستان ۾ اسڪائوٽنگ کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکيا ويندا.