لاهور-22 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان شاعر ختم نبوت سيد سلمان گيلاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته سيد سلمان گيلاني مرحوم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو. هن چيو ته مرحوم هڪ بهترين شاعر، باڪمال نعت خوان، سٺو نثر نگار ۽ سچو عاشق رسول هو. مولانا فضل الرحمان …
مولانا فضل الرحمان پاران سيد سلمان گيلاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
لاهور-22 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان شاعر ختم نبوت سيد سلمان گيلاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته سيد سلمان گيلاني مرحوم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو. هن چيو ته مرحوم هڪ بهترين شاعر، باڪمال نعت خوان، سٺو نثر نگار ۽ سچو عاشق رسول هو. مولانا فضل الرحمان مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت ڪندي سندس ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي.












