اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، مشهور شاعر سيد سلمان گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سيد سلمان گيلاني جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي هن چيو ته مرحوم سلمان گيلاني اردو ادب جو هڪ معتبر نالو هو، جنهن جي نعتيه ڪلام ۽ شاعري ۾ احساس جي گهرائي، فڪر جي …
سردار اياز صادق پاران مشهور شاعر سيد سلمان گيلاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، مشهور شاعر سيد سلمان گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سيد سلمان گيلاني جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي هن چيو ته مرحوم سلمان گيلاني اردو ادب جو هڪ معتبر نالو هو، جنهن جي نعتيه ڪلام ۽ شاعري ۾ احساس جي گهرائي، فڪر جي پختگي ۽ معاشرتي شعور نمايان هو، قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ سردار اياز صادق چيو ته سندس لاڏاڻي سان اردو ادب هڪ باوقار ۽ حساس تخليقڪار کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته مرحوم جو ادبي سرمايو نئين نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو رهندو. اسپيڪر، مرحوم جي گهرڀاتين ۽ عقيدت مندن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر، الله تعاليٰ کان سيد سلمان گيلاني مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن کي صبر جي دعا ڪئي.












