اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 11 ھزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 ھزار 700ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 900 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 100 …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-22 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 11 ھزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 ھزار 700ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 900 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 100 ڪيوسڪ،جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 13 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1478.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو2.144 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1180.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ آهي.











