صدر مملڪت آصف علي زرداري جي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته رمضان جي تقدس کي پامال ڪندڙ دهشتگردن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر مملڪت دهشتگرد حملي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته رمضان جي تقدس کي پامال ڪندڙ دهشتگردن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق صدر مملڪت دهشتگرد حملي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ان عزم جو اظهار ڪيو ته فتنه الخوارج خلاف آپريشنز بنا ڪنهن فرق ۽ ڀرپور قوت سان جاري رهندا ۽ قومي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شهيدن جي عظيم قرباني قوم جو سرمايو آهي. صدر مملڪت شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں