اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته 21 فيبروري تي هڪ آپگهاتي بمبار سميت ٻين خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي جاري آپريشن دوران هڪ بزدلاڻي حملي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج بنون ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي نشانو بنڻايو. آءِ ايس پي آر طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پريس رليز مطابق …
بنون ۾ فتنه الخوارج جو سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو، ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه شهيد، 5 خوارجي مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته 21 فيبروري تي هڪ آپگهاتي بمبار سميت ٻين خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي جاري آپريشن دوران هڪ بزدلاڻي حملي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج بنون ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي نشانو بنڻايو. آءِ ايس پي آر طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پريس رليز مطابق بنون شهر ۾ معصوم شهرين/ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي اهلڪارن کي نشانو بنائڻ جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائيندي ليڊنگ گروپ گاڏيءَ هڪ آپگهاتي بمبار کي روڪي معصوم شهرين/ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي ورتو. خوارج جي موجودگي جي حوالي سان جاري آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز 5 خوارجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته مايوسي جي عالم ۾ خوارجين بارود سان ڀريل هڪ گاڏي کي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏين مان هڪ سان ٽڪرائي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي جرئتمنداڻي قدمن لاءِ مشهور هڪ بهادر ڪمانڊنگ آفيسر ۽ پنهنجي جٿن جي فرنٽ تان قيادت ڪندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز (عمر 43 سال، رهائش مانهسره)، سپاسي ڪرامت شاهه (عمر 28 سال، رهائش پشاور) سان گڏ شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خوارجين افغان سرزمين کي استعمال ۽ رمضان المبارڪ جي تقدس کي پامال ڪندي پاڪستان اندر پنهنجون دهشتگرد ڪارروائيون جاري رکيون آهن. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انهن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي. افغان طالبان حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر خوارج کي پاڪستان اندر دهشتگرديءَ جي ڪارروائين لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ اهو به رمضان جي ڀلاري مهيني ۾. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان ان بزدلاڻي فعل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪنهن به قسم جي تحمل کان ڪم نه وٺندو ۽ خوارجين خلاف جائز انتقام لاءِ ڪارروائيون جاري رهنديون. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ويزن عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم (جنهن جي نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي سپريم ڪميٽي منظوري ڏني آهي) تحت ملڪ مان غير ملڪي حمايت يافته ۽ اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رفتار سان جاري رهندي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون بي مثال قربانيون اسان جي قومي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪن ٿيون.












