اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ،جڏهن ته …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ،جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 38 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 34 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 29 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج ۾ پاڻي جي آمد 5 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1479.01 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.180 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1181.65 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.187 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 643.30 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.094 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.












