اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) آل پاڪستان صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق 24 قيراط في تولو سون جي قيمت ۾ 7100 روپين جو اضافو ٿيو ۽ ڇنڇر تي سون جي في تولو قيمت 533562 روپين تائين پهچي وئي جڏهن ته گذريل ڪاروباري ڏينهن قيمت 526462 روپيه هئي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 6087 روپيه اضافي سان 451356 روپين کان وڌي 457443 روپيه ٿي وئي جڏهن ته 10 …
سون جي قيمت ۾ 7100 روپيه في تولو اضافو
اسلام آباد-21 فيبروري(اي پي پي) آل پاڪستان صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق 24 قيراط في تولو سون جي قيمت ۾ 7100 روپين جو اضافو ٿيو ۽ ڇنڇر تي سون جي في تولو قيمت 533562 روپين تائين پهچي وئي جڏهن ته گذريل ڪاروباري ڏينهن قيمت 526462 روپيه هئي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 6087 روپيه اضافي سان 451356 روپين کان وڌي 457443 روپيه ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 5579 روپيه اضافي سان 413758 روپين کان وڌي 419337 روپيه ٿي وئ. اهڙي طرح في تولو چاندي جي قيمت 374 روپيه اضافي سان 8574 روپيه وڌي 8948 روپيه ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام چاندي جي قيمت 321 روپيه اضافي سان 7350 روپيه وڌي 7671 روپيه ٿي وئي.












