اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪي پي ڪي ۾ تعميراتي خدمتن تي لاڳو سيلز ٽيڪس آئيني قرار ڏيندي ڪي پي ڪي سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2022ع خلاف داخل اپيلون رد ڪري ڇڏيون ۽ واضح ڪيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ سروسز تي ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار صوبن وٽ آهي. لکت وارو فيصلو جسٽس عامر فاروق جاري ڪيو، جنهن ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته …
وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪي پي ڪي ۾ تعميراتي خدمتن تي لاڳو سيلز ٽيڪس آئيني قرار، ڪي پي ڪي سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2022ع خلاف داخل اپيلون رد
اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪي پي ڪي ۾ تعميراتي خدمتن تي لاڳو سيلز ٽيڪس آئيني قرار ڏيندي ڪي پي ڪي سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2022ع خلاف داخل اپيلون رد ڪري ڇڏيون ۽ واضح ڪيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ سروسز تي ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار صوبن وٽ آهي. لکت وارو فيصلو جسٽس عامر فاروق جاري ڪيو، جنهن ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته 27هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ قانونن کي آئيني بنيادن تي ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي ۽ آئيني تشريح جو اختيار خاص فورم تائين محدود ڪيو ويو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 27هين آئيني ترميم کان پوءِ آئيني عدالت ڪنهن به عدالت يا ٽربيونل کان رڪارڊ طلب ڪري سگهي ٿي ته جيئن آئيني نُقطن جو جائزو وٺي سگهي. فيصلي موجب ڪي پي ڪي سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2022ع جي شيڊول ٽو سيريل نمبر 14 آئين جي ابتڙ ناهي. عدالت واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت صرف شين تي ٽيڪس لاڳو ڪري سگهي ٿي جڏهن ته تعميراتي خدمتون سروسز جي زمري ۾ اچن ٿيون. عدالت قرار ڏنو ته ايڪٽ جو سيريل نمبر 14 تعميراتي خدمتن بابت آهي ۽ ان ۾ شيون شامل ناهن، ان لاءِ ان کي غير آئيني قرار ڏئي سگهجي ٿو. عدالت وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهڙو طريقيڪار واضح ڪيو وڃي جنهن تحت ڪنهن شهري يا ڪمپنيءَ کي هڪ ئي شيءِ تي ٻيهر ٽيڪس ادا نه ڪرڻو پوي. ان لاءِ مقصد لاءِ روينيو اٿارٽي اهڙا اصول جوڙي جنهن ۾ ٺيڪيدار جي مجموعي بجيٽ کي خدمتن ۽ سامان ۾ واضح طور تي ورهايو وڃي ته جيئن ٽيڪس کي لاڳو ڪرڻ ۾ شفافيت برقرار رهي.












