اسلام آباد-20فيبروري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نرسنگ ڪائونسل سميت سمورا معاملا قانون ۽ طئه ٿيل طريقيڪار موجب اڪلايا ويندا، وڏا فيصلا ڪندڙن کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جڏهن ته سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ غلط سرنج لڳائڻ سبب ايڊز جا 84 ڪيس …
نرسنگ ڪائونسل سميت سمورا معاملا قانون ۽ طئه ٿيل طريقيڪار موجب اڪلايا ويندا: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد-20فيبروري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نرسنگ ڪائونسل سميت سمورا معاملا قانون ۽ طئه ٿيل طريقيڪار موجب اڪلايا ويندا، وڏا فيصلا ڪندڙن کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جڏهن ته سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ غلط سرنج لڳائڻ سبب ايڊز جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي ڊي جي هيلٿ ڪراچي کي موقعي تي موڪليو ويو ۽ متاثر مريضن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري انهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن واضع ڪيو ته غلط عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو جڏهن ته صحيح ڳالهه ٻڌڻ ۽ سڌارا آڻڻ جو عمل جاري رهندو.












