وزيراعظم شهباز شريف جي ڊي ايف سي جي عهديدارن سان ملاقات، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ فنانسنگ ۾ اضافي تي زور ڏنو

واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي ادارن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي اهم ڪردار کي ساراهيندي توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي شعبن ۾ منصوبن جي لاءِ فنانسنگ ۾ اضافي تي زور ڏنو …

واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي ادارن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي اهم ڪردار کي ساراهيندي توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي شعبن ۾ منصوبن جي لاءِ فنانسنگ ۾ اضافي تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونائيٽيڊ اسٽيٽس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بينجمن بليڪ واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي، ان سان گڏ ڊي ايف سي جو سيڙپڪاري وارو سربراهه ڪونر ڪولمين ۽ ايجنسي جي سينيئر قيادت پڻ موجود هئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي ادارن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڊي ايف سي جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪندڙ ميڪرو اڪنامڪ بنيادي اصولن، ڍانچاجاتي سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ماحول جي لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ڊي ايف سي کي دعوت ڏني ته اها توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ منصوبن جي لاءِ پنهنجي فنانسنگ ۾ اضافو ڪري. هن ڊي ايف سي جي هڪ بلين ڊالر کان وڌيڪ جي پورٽ فوليو کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترجيحن جي وچ ۾ هم آهنگي تي روشني وڌي جيڪي ڪاروباري تعاون (بي ٽو بي) جي فروغ جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند موقعا آهن. وزيراعظم ڊي ايف سي کي اپريل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ معدنيات ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. بينجمن بليڪ وزيراعظم کي ڊي ايف سي جي اسٽريٽجڪ قدمن، ترجيحن ۽ پاڪستان ۾ متوقع پراجيڪٽس بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڊي ايف سي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڊي ايف سي حصيدار ملڪن ۾ اقتصادي ترقي جي حمايت جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم بنجمن بليڪ کي پاڪستان ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتي سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.