حڪومت سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، پٺتي پيل طبقن جي معاونت ڪرڻ ۽ جامع معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سماجي انصاف جي فروغ، انساني حقن جي تحفظ ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي مڪمل حمايت ۽ ان سان تعاون جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، پٺتي پيل طبقن جي معاونت ڪرڻ ۽ جامع معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. …

اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سماجي انصاف جي فروغ، انساني حقن جي تحفظ ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي مڪمل حمايت ۽ ان سان تعاون جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، پٺتي پيل طبقن جي معاونت ڪرڻ ۽ جامع معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي انصاف جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عالمي برادري ڀرپور انداز ۾ ان مثبت معاشرتي رخ سان پنهنجي وابستگي ۽ ان جي فروغ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا، هن سال هي عالمي ڏينهن ”شموليت کي بااختيار بڻائڻ: سماجي انصاف ۾ ايندڙ خال کي ختم ڪرڻ“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. اهو موضوع ان تصور کي پڻ اجاگر ڪري ٿو ته حڪومتي سطح تي جامع پاليسي سازي ۽ انفرادي سطح تي سمورين اڪائين جي بامعنيٰ شموليت ئي مضبوط سماجي تحفظ جي نظام جي ضامن آهي. وزيراعظم چيو ته سماجي انصاف رڳو هڪ خواهش نه آهي پر اسان جي انفرادي ۽ گڏيل ذميواري آهي، حڪومت پرعزم آهي ته معاشرتي اساس اهڙي مثبت قدرن تي قائم ڪيا وڃن جيڪي حقن جي عوامي آگاهي، انتظامي سطح تي ان جو مڪمل ادراڪ ۽ ان جي لاڳو کي يقيني بڻائين. وزيراعظم چيو ته سماجي انصاف ۽ معاشرتي عدل ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته هر شهري کي بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب ۽ عقيدي جي فرق جي برابر شهري موقعا ۽ باوقار زندگي گذارڻ جا هڪ جهڙا وسيلا ميسر هجن. انهي احساس ذميواري ۾ پاڪستان سدائين هڪ ذميوار عالمي ميمبر جي حيثيت سان سماجي انصاف جي فروغ، انساني حقن جي تحفظ ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي هر ممڪن تعاون ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان انساني حقن بابت عالمي پڌرنامي ۽ عالمي انساني حقن جي معاهدن تحت پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي تحفظ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت غربت جي خاتمي، معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي، عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سڀني جي لاءِ باعزت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز تي ڪم ڪري رهي آهي. اسان جي حڪومت سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، پٺتي پيل طبقن جي معاونت ڪرڻ ۽ جامع معاشرتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاليسي قدم جاري رکيا آهن. انهي ڏس ۾ اڏار پاڪستان، قومي اقتصادي تبديلي منصوبو (2024ع کان 2029ع) ۽ نوجوانن جي لاءِ هنر ۽ تعليمي موقعن جا خصوصي پروگرامز حڪومت پاران اهم قدم آهن. وزيراعظم ان اهم ڏينهن جي موقعي تي سمورين لاڳاپيل ڌرين بشمول صوبائي حڪومتن، سول سوسائٽي، سرڪاري ۽ نجي شعبن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته اچو گڏيل تعاون سان پنهنجي معاشري ۾ سماجي عدل ۽ انصاف، اتحاد ۽ يڪجهتي، ايثار ۽ ڀائيچاري جهڙن مثبت قدرن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪريون ته جيئن معاشرتي فرق ۽ اڻبرابرين جي هر شڪل جو خاتمو ڪري سگهون.