ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج لاءِ 19 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج (پي ايم آر آر پي) 2026ع لاءِ 19 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ناڻي واري وزير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي …

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج (پي ايم آر آر پي) 2026ع لاءِ 19 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ناڻي واري وزير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري خاص صلاحڪار هارون اختر خان کان لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت طرفان وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج 2026ع جي 25 ارب رپين جي فنڊز جي منظوري بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. فنانس ڊويزن ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ته موجوده مالي سال لاءِ رمضان پيڪيج جي مد ۾ پهرين ئي 19 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا هئا ۽ ضرورت موجب باقي بچيل فنڊز جاري ڪيا ويندا. اي سي سي فوري طور تي 19 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ته جيئن رقم جي وقت سر ورڇ جي شروعات ممڪن بڻائي سگهجي جڏهن ته ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ويو ته اضافي فنڊز جو جائزه ضرورت ۽ دستياب مالي گنجائش موجب ورتو ويندو. ڪميٽي سمري ۾ تجويز ڪيل آپريشن خرچن جا جزا به غور هيٺ آيا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته خرچن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪيا وڃن جن ۾ ڀائيوار مالياتي ادارن جي ادائگين، آگاهي ۽ مشهوري جي سرگرمين بابت خرچ شامل هجن. اي سي سي هڪ ارب رپين جي آپريشن خرچن جي اصولي منظوري ڏني جڏهن ته ان فنانس ڊويزن کي جامع تفصيل جمع ڪرڻ سان مشروط قرار ڏنو ته جيئن رقمن جي ورڇ حقيقي ضرورتن ۽ مالياتي قاعدن ۽ ضابطن موجب ٿئي. اي سي سي ادائگين جي فوري شروعات جي ضرورت کي به نوٽ ڪيو ۽ـ شروعاتي ورڇ کي ممڪن بنائڻ لاءِ نئين سر رکيل فنڊز ذريعي کنيل قدمن جي توثيق ڪئي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خرچ پاڪستان جي مالياتي وعدن موجب منظم ڪيا ويندا ۽ غير استعمال ٿيل رقم کي مقرر طريقيڪار تحت واپس ڪيو ويندو. ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيل سمريءَ موجب وزيراعظم رمضان رليف پيڪ جو مجموعي ڳاڻيٽو 39 ارب رپيا آهي جنهن مان 10 ارب رپيا پهرين ئي (بي آءِ ايس پي وٽ دستياب آهن) جڏهن ته 29 ارب رپين جو انتظام انهن ٽن جزن ذريعي ڪيو ويو آهي جن تي اي سي سي غور ڪيو جن ۾ فني ضمني گرانٽ، آپريشنل خرچ ۽ نئين سر رکيل فنڊز جي باقاعده منظوري شامل آهي. مالياتي ڍانچي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته پيڪيج لاءِ مڪمل وسيلا فراهم ٿين جڏهن ته عملدرآمد دوران مالياتي نظم و ضبط ۽ شفافيت به برقرار رکي وڃي. اي سي سي رمضان المبارڪ دوران مستحق طبقن کي وقت سر ۽ باوقار معاونت فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته مالياتي ذميداري ۽ امدادي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۾ اثرائتي نگراني کي يقيني بنائڻ تي به زور ڀريو. ڪميٽيءَ ان ڳالهه جي تاڪيد ڪئي ته رليف جي فوري ورڇ ۽ مالياتي احتياط ۽ شفافيت وچ ۾ توازن برقرار رکيو وڃي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج کي مقدس مهيني دوران ڪمزور ۽ نادار ڪٽنبن کي هدفي مالي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدف موجب ترتيب ڏنو ويو آهي. پيڪيج جو مقصد مستحقن جي چونڊ ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي جنهن لاءِ نيشنل سوشيو اڪنامڪ رجسٽري (اين ايس اي آر) جي ڊيٽا مان فائدو کنيو ويندو ته جيئن صوابديدي جو خاتمو ۽ جوابدهي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ان تحت گهٽ آمدني وارن گهراڻن کي هڪ ڀيرو روڪ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، گڏوگڏ موجوده سماجي تحفظ جي معاونت ۾ واڌ به ڪئي وڃي ۽ رقمن جي ادائگي باضابطه بئنڪاري ۽ ڊجيٽل ذريعي سڌيءَ ريت مستحقن تائين پهچائي وڃي ته جيئن محفوظ ۽ اثرائتي رسد کي يقيني بنائي سگهجي.