وڌندڙ آبادي ۽ روزگار جي موقعن وچ ۾ توازن ضروري آهي، روزگار جا وسيع خال معاشي، سماجي، قومي ۽ سلامتي جي مسئلن کي جنم ڏئي سگهن ٿا: عالمي بئنڪ جو صدر اجي بنگا

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) عالمي بئنڪ جي صدر اجي بنگا وڌندڙ آبادي ۽ روزگار جي موقعن وچ ۾ توازن جي قيام لاءِ کنيل قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، روزگار جا وسيع خال معاشي، سماجي قومي سلامتي جي مسئلن کي جنم ڏئي سگهن ٿا. پنهنجي تازي آرٽيڪل ۾ عالمي بئنڪ جي صدر چيو ته آباديءَ ۾ واڌ، عالمگيريت ۽ پاڻي ۽ خوراڪ جي وڌندڙ کوٽ جهڙا مسئلا …

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) عالمي بئنڪ جي صدر اجي بنگا وڌندڙ آبادي ۽ روزگار جي موقعن وچ ۾ توازن جي قيام لاءِ کنيل قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، روزگار جا وسيع خال معاشي، سماجي قومي سلامتي جي مسئلن کي جنم ڏئي سگهن ٿا. پنهنجي تازي آرٽيڪل ۾ عالمي بئنڪ جي صدر چيو ته آباديءَ ۾ واڌ، عالمگيريت ۽ پاڻي ۽ خوراڪ جي وڌندڙ کوٽ جهڙا مسئلا خاموشيءَ سان عالمي نظام جي نئين سر جوڙجڪ ڪري رهي آهي، اصل خطرو ان سست رفتار تبديلين کي نظرانداز ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته آئينده 10 کان 15 سالن ۾ اُسرندڙ ملڪن ۾ تقريبن 1.2 ارب نوجوان ورڪ فورس جي عمر ۾ پهچي ويندا ۽ اهو انگ انساني تاريخ ۾ بي مثال آهي، موجوده معاشي رفتار کي نظر ۾ رکيو وڃي ته انهن ملڪن ۾ ان ئي مدي دوران صرف تقريبن 40 ڪروڙ نيون ملازمتون پيدا ٿيڻ جو اندازو آهي، ائين روزگار جو هڪ وسيع خال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي جيڪو معاشي، سماجي ۽ قومي سلامتي جي مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. اهو معاملو فقط ترقياتي چئلينج ناهي پر معاشي ۽ وڌندڙ انداز ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو به بڻجندو پيو وڃي. جيڪڏهن نوجوانن کي باعزت روزگار نه مليو ته ادارن تي دٻاءُ، بي قاعده لڏپلاڻ، سماجي بي چيني ۽ تڪرارن ۾ واڌ جهڙا نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. هن چيو ته عالمي بئنڪ روزگار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٽن ٿنڀن تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن ۾ عوامي مالياتي، نجي سرمائي، فني مهارت ۽ رسڪ مئنجمينٽ جي اوزارن کي گڏايو پيو وڃي. اعتماد جوڳي بجلي، ٽرانسپورٽ، تعليم ۽ صحت کانسواءِ نه نجي سيڙپڪاري ممڪن آهي ۽ نه ئي روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. واضح قانونن ۽ اڳڪٿين جي قابل ضابطه ڪاري سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ڪري ٿي، وڏي پيماني تي روزگار جي تخليق جو ڀاڙڻ نجي شعبي خاص ڪري مائڪرو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن تي آهي جيڪي وڌيڪ ملازمتون فراهم ڪن ٿا. عالمي بئنڪ جي شعبه جاتي اداري ايڪويٽي، فنانسنگ، ضمانتن ۽ سياسي خطرن جو انشورنس فراهم ڪري رهيو آهي. ويجهڙ ۾ برازيل جي بئنڪ لاءِ واپاري ماليات ضمانت تحت تقريبن 70 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽ لاڳت فنڊنگ ننڍي ڪاروبارن، خاص ڪري زرعي شعبي لاءِ دستياب ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بنيادي ڍانچي ۽ توانائي، زراعت ۽ زرعي ڪاروبار، بنيادي صحت جي خدمتن، سياحت ۽ قدرن ۾ واڌ تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ اهڙا شعبا آهن جتي روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته 2050ع تائين دنيا جي 85 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي اُسرندڙ ملڪن ۾ رهندڙ هوندي اهي نه صرف عالمي افرادي سگهه جي سڀ کان وڌيڪ واڌ پر مستقبل جي صارفين ۽ مارڪيٽن جي سڀ کان وڏي افزائش به هوندي. جيڪڏهن انهن ملڪن ۾ وقت سر سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته اهو رجحان عالمي ترقي، واپار ۽ استحڪام لاءِ هڪ طاقتور محرڪ بڻجي سگهي ٿو.