سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران ڪراچي ۾ گئس ليڪيج سبب ٿيل ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ گئس ليڪيج سبب ٿيل ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري سنڌ حڪومت حادثي تي غمگين آهي ۽ هو فوت ٿيلن جي خاندانن سان پنهنجي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت فوت ٿيلن جي سوڳوار …

ڪراچي-19 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ گئس ليڪيج سبب ٿيل ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري سنڌ حڪومت حادثي تي غمگين آهي ۽ هو فوت ٿيلن جي خاندانن سان پنهنجي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت فوت ٿيلن جي سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سنڌ حڪومت زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن چيو ته شهري گئس استعمال ڪرڻ ۾ احتياط ڪن ۽ ڪنهن به شڪي ليڪيج جي صورت ۾ فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏين.