واشنگٽن – 19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر زبردست تعريفي جملا ادا ڪيا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ”گريٽ جنرل، گريٽ …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر زبردست تعريفي جملا ادا ڪيا
واشنگٽن – 19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر زبردست تعريفي جملا ادا ڪيا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ”گريٽ جنرل، گريٽ فيلڊ مارشل، شاندار شخصيت“ قرار ڏنو ۽ فيلڊ مارشل جي ”تمام وڏي فائٽر“ جي لفظن سان واکاڻ ڪئي. صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ – ڀارت جنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ شدت اختيار ڪري رهي هئي، ان جنگ ۾ 11 جهاز ڪيرايا ويا، اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ان جنگ کي روڪرايو. صدر ٽرمپ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مون کي ٻڌايو ته مون جنگ بند ڪرائي لکين جانيون بچايون آهن. هن چيو ته جنگ دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ويجها لاڳاپا قائم ٿيا. صدر ٽرمپ چيو ته مون پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بند ڪرائڻ جي لاءِ واپار کي استعمال ڪيو، ڀارت جي وزيراعظم مودي کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته جنگ نه روڪي ته وڏو ٽيرف لڳائيندس.












