وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي واشنگٽن ۾ غزه بابت بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا جي دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي واشنگٽن ۾ غزه بابت بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ آمريڪي قيادت ۽ اجلاس ۾ …

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي واشنگٽن ۾ غزه بابت بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ آمريڪي قيادت ۽ اجلاس ۾ شريڪ پنهنجي هم منصب اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته هي موقعو ٻطرفي لاڳاپن ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪندو. هن چيو ته ان کان اڳ آسٽريا جي چانسلرڪرسچئين اسٽاڪر جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 ۽ 16 فيبروري تائين ويانا جو سرڪاري دورو ڪيو، اهو گذريل ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو  آسٽريا جو پهريون دورو هو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترجمان چيو ته وزيراعظم آسٽريا جي وفاقي چانسلر سان وفدن جي سطح تي باضابطا ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي طرفن پاران واپار، سيڙپڪاري، سياحت، تعليم، آءِ ٽي، صحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو جيڪو گهڻ رخي نظام ۽ عالمي قانون جي گڏيل حمايت تي ٻڌل آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ منعقد اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪيو. هن امن ۽ ترقي جي وچ ۾ گهري تعلق کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي نظام سان پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو، تقريب ۾ ويانا ۾ قائم گڏيل قومن جي ادارن جي سربراهن ۽ سفارتي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ويانا ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي مختلف ادارن سان پاڪستان جي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٽن اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته ويانا ۾ وزيراعظم عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ هو. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال، عالمي ائٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي فروغ ۾ آءِ اي اي اي جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال 17 فيبروري تي ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ بعد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته وفاقي وزير بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم طارق رحمان کي پاڪستان جي وزيراعظم پاران دلي مبارڪباد ڏني ۽ جلد کان جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت پهچائي. طاهر حسين اندرابي چيو ته ملاقات ۾ بنگلاديش سان تعليم، واپار، رابطن، سارڪ جي بحالي، عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.