صدر آصف علي زرداري پاران لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي چئن دهشتگردن جي مارجڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت کي ساراهيو آهي. هن چيو ته عزم استحڪام جي ويزن …

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي چئن دهشتگردن جي مارجڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت کي ساراهيو آهي. هن چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڻٿڪ جدوجهد ساراهه جوڳي آهي.