نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ جو مصروف ۽ نتجياخيز هڪ ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ جو مصروف ۽ نتجياخيز هڪ ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو. دوري دوران فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي صدارت برطانيا جي پرڏيهي وزير ڪئي. اهو اجلاس بورڊ آف پيس (بي او پي) جي افتتاحي اجلاس کان اڳ ٿيو. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ جو مصروف ۽ نتجياخيز هڪ ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو. دوري دوران فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي صدارت برطانيا جي پرڏيهي وزير ڪئي. اهو اجلاس بورڊ آف پيس (بي او پي) جي افتتاحي اجلاس کان اڳ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نيويارڪ دوري دوران ڪيتريون ئي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون ۽ ٻيون سرڪاري مصروفيتون پڻ سرانجام ڏنيون. هن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل پاران تازي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جن جو مقصد ڪنٽرول کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي، جي شديد مذمت ڪئي ۽ انهن قدمن کي فوري طور تي روڪڻ ۽ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. هن پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جيڪو عالمي قانون ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي قراردادن موجب هڪ قابل اعتماد ۽ مقرر مدي تي ٻڌل سياسي عمل جي ذريعي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو عمل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ متصل رياست فلسطين جي قيام تي هجڻ گهرجي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قرارداد 2803 جي فريم ورڪ تحت بورڊ آف پيس انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدمن ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مصر، اردن، انڊونيشيا ۽ برطانيا جي هم منصب پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن فلسطين جي وزير ۽ مستقل نمائندي ۽ شام جي مستقل نمائندي سان پڻ ملاقات ڪئي انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مختلف شخصيتن سان ملاقاتن دوران سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، دفاعي ۽ عوامي رابطن سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ۽ موثر ادارتي مڪينزم جي اهميت تي زور ڏنو. اهو دورو پاڪستان جي فعال سفارتي ڪوششن ۽ اهم ٻطرفي ترجيحن جي فروغ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.