اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان آذربائيجان جي سفير فرهادوف ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سفير موسمياتي تبديلي بابت اي سي او اجلاس ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صاف ۽ اصولي موقف کي ساراهيو، خاص ڪري عالمي سطح تي گڏيل ذميواري تي ان جي زور ۽ موسمياتي واعدن ۾ ڏٺي ويندڙ عدم هم آهنگي جي نشاندهي کي واکاڻ …
موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان آذربائيجان جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان آذربائيجان جي سفير فرهادوف ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سفير موسمياتي تبديلي بابت اي سي او اجلاس ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صاف ۽ اصولي موقف کي ساراهيو، خاص ڪري عالمي سطح تي گڏيل ذميواري تي ان جي زور ۽ موسمياتي واعدن ۾ ڏٺي ويندڙ عدم هم آهنگي جي نشاندهي کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو. موسمياتي تبديلي واري وزارت موجب آذربائيجان جي سفير اسرندڙ ملڪن لاءِ منصفاڻي موسمياتي قدمن جي وڪالت ۾ پاڪستان جي فعال ۽تعميري ڪردار کي به ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ گهرن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي توثيق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻئي ملڪ تاريخي، ثقافتي ۽ گڏيل احترام جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، آذربائيجان جي سفير وفاقي وزير کي 17 کان 22 مئي 2026ع تي باڪو ۾ منعقد ٿيل 13 هين عالمي شهري فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هي فورم موسمياتي تبديلي ۽ شهري ترقي جي گڏيل تعلق، لچڪدار شهرن جي تعمير ۽ ماحولياتي پائيداري کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اجتماعي حڪمت عملي تي غور جو هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪندو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ دعوت جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو.












