اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري نيٽ ميٽرنگ درخواستن بابت اهم فيصلو ڪندي 8 فيبروري تائين جمع ٿيل نيٽ ميٽرنگ درخواستن کي پُراڻي ريگيوليشنز تحت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب 8 فيبروري تائين جي درخواستن کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين خاص ڪري اليڪٽرڪ نيٽ ميٽرنگ جي سهولت ميسر هوندي، سمورين بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين …
وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاران نيٽ ميٽرنگ درخواستن بابت اهم فيصلو، 8 فيبروري تائين جمع ٿيل نيٽ ميٽرنگ درخواستن کي پُراڻي ريگيوليشنز تحت ڪارروائي جا حڪم

مزید خبریں
اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري نيٽ ميٽرنگ درخواستن بابت اهم فيصلو ڪندي 8 فيبروري تائين جمع ٿيل نيٽ ميٽرنگ درخواستن کي پُراڻي ريگيوليشنز تحت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب 8 فيبروري تائين جي درخواستن کي بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين خاص ڪري اليڪٽرڪ نيٽ ميٽرنگ جي سهولت ميسر هوندي، سمورين بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين کي فوري عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، هن وقت سمورين ورڇيندڙ ڪمپنين خاص ڪري ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪل 5165 درخواستون 8 فيبروري تائين جمع ٿيون آهن، انهن درخواستن تحت ڪل 250.822 ميگاواٽ ڪيپسٽي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي ويندي. هن چيو ته وفاقي وزير جي ان فيصلي سان موجوده درخواستن بابت خدشا ختم ٿي ويا آهن. ترجمان موجب وفاقي وزير درخواستن تي ڪارروائي ۾ شفافيت برقرار رکڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ بجلي صارفين کان ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ 118 تي داخل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي.











