اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته حڪومت عربي سمنڊ ۾ مليل سامونڊي مماليه خاص ڪري وهيل ۽ ڊولفن جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي، ڇاڪاڻ ته اها مخلوق سامونڊي ماحولياتي نظام، بليو اڪانامي ۽ قومي روزگار ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. سامونڊي مماليه جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير خبردار ڪيو ته وهيل …
حڪومت عربي سمنڊ ۾ مليل سامونڊي مماليه خاص ڪري وهيل ۽ ڊولفن جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته حڪومت عربي سمنڊ ۾ مليل سامونڊي مماليه خاص ڪري وهيل ۽ ڊولفن جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي، ڇاڪاڻ ته اها مخلوق سامونڊي ماحولياتي نظام، بليو اڪانامي ۽ قومي روزگار ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. سامونڊي مماليه جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير خبردار ڪيو ته وهيل ۽ ڊولفل کي اوورفشنگ، بائي ڪيچ، جهازن جي گوڙ، گدلاڻ ۽ انهن جي گهرن جي تباهي جهڙا وڌندڙ خطرا درپيش آهن جڏهن ته اها مخلوق عربي سمنڊ جي ماحولياتي توازن جو بنياد آهن. هن ٻُڌايو ته عالمي سطح تي واپار وهيلنگ تي 1986ع ۾ پابنديءَ کان پوءِ هن ڏينهن جو مقصد وهيل، ڊولفن ۽ ٻي سامونڊي مماليه کي گدلاڻ، ماهيگيري جي ڄار ۽ گهرن جي تباهي کان بچائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ آهي. پاڪستان جي سامونڊي پاڻين ۾ هاڻ تائين وهيل ۽ ڊولفن جا 27 قسم رڪارڊ ٿي چڪا آهن. هن بلوچستان جي سامونڊي علائقي خاص ڪري گوادر ويجهو ناياب عربين سي همپ بيڪ وهيل جي تازي وڊيو جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ ملاح طرفان هڪ ئي وقت وهيل جي مٿي جمپ جي منظرن جي رڪارڊنگ ان جي آباديءَ ۾ بهتريءَ جي علامت آهي. اهڙيءَ طرح گوادر جي ايسٽ بي ۾ برائيڊز وهيل جي گروهه ۽ نومبر 2025ع ۾ ويسٽ بي ۾ باٽلنوز ڊولفن جي موجودگي سامونڊي حياتياتي جيوت جي عڪاسي آهي. هن انڊس ڊيلٽا، چرنا آءِ لينڊ، اورمڙا ۽ استولا آءِ لينڊ کي سامونڊي مماليه جا اهم ماڳ قرار ڏيندي ملاحن طرفان سامونڊي جيوت جي نشاندهي ۽ رپورٽنگ کي تعريف جوڳو قرار ڏنو. محمد جنيد انوار چوڌري عوام کي پلاسٽڪ جي استعمال ۾ گهٽتائي، سامونڊي صفائي جي مهمن ۾ شرڪت ۽ سامونڊي تحفظ بابت آگاهي وڌائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته پائيدار طرزِ عمل اختيار ڪرڻ سان نه صرف سامونڊي ماحولياتي نظام محفوظ ٿيندو پر پاڪستان جي بليو اڪانامي کي به هٿي ملندي.











