اسلام آباد _ 19 فيبروري (اي پي پي ) صحت جي ماهرن چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران افطاري ۽ سحري جي وقت تريل شين جو وڌيڪ استعمال انساني صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو . ماڻهو روزي کانپوءِ ڊگهي وقفي بعد خوراڪ حاصل ڪري ٿو . اهڙي ۾ وڌيڪ سڻڀ وارن کاڌن جو استعمال هاضمي جي نظام تي اضافي بار وجهي ٿو . طبي ماهرن مطابق سموسا ، …
رمضان المبارڪ دوران افطاري ۽ سحري ۾ تريل شين جو وڌيڪ استعمال انساني صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو: صحت جا ماهر

مزید خبریں
اسلام آباد _ 19 فيبروري (اي پي پي ) صحت جي ماهرن چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران افطاري ۽ سحري جي وقت تريل شين جو وڌيڪ استعمال انساني صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو . ماڻهو روزي کانپوءِ ڊگهي وقفي بعد خوراڪ حاصل ڪري ٿو . اهڙي ۾ وڌيڪ سڻڀ وارن کاڌن جو استعمال هاضمي جي نظام تي اضافي بار وجهي ٿو . طبي ماهرن مطابق سموسا ، پڪوڙا ، چپس ۽ ٻين تريل شين جو وڌيڪ استعمال بدهضمي، معدي جي تيزابيت، ٿولهه، رت جي تيز رواني ۽ دل جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿيون ، خاص طور تي شوگر ، دل ۽ معدي جي مريضن کي پنهنجي خوراڪ ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي . ماهرن تجويز ڏني آهي ته افطاري جي شروعات کجور ۽ پاڻي سان ڪئي وڃي ۽ غذا ۾ ميوا ، سلاد ، داليون ، اٻاريل يا ڳريل شين کي شامل ڪيو وڃي . ان کان علاوه پاڻي جو مناسب استعمال به صحت لاءِ ضروري آهي ته جيئن جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي نه ٿئي . هن عوام تي زور ڏنو ته هو رمضان المبارڪ ۾ متوازن غذا کي ترجيع ڏين . سڻڀ ۽ لوڻ جي استعمال ۾ اعتدال اختيار ڪن ۽ صحت مند طرز زندگي اختيار ڪن ته جيئن هن بابرڪت مهيني ۾ عبادت سان گڏوگڏ صحت جو به خيال رکي سگهجي .











