اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو. تازي پاڪ اردن گڏيل وزارتي ڪميشن جي مثبت قدمن جي آجيان ڪئي ۽ اهم شعبن ۾ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن صفادي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو. تازي پاڪ اردن گڏيل وزارتي ڪميشن جي مثبت قدمن جي آجيان ڪئي ۽ اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن خطي ۽ موجوده عالمي صورتحال خاص طور تي غزه ۽ اولهندي ڪناري جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي مضبوط ۽ مستحڪم تعاون جو ورجاءُ ڪيو.











