اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان پاڪستان ڪيميڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي سي اي او حماد منصور به موجود هو. ملاقات دوران ڪيميڪل انڊسٽري کي درپيش مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ تجويزل ڪيل پيٽرو ڪيميڪل پاليسي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي هارون اختر …
صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان پاڪستان ڪيميڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان پاڪستان ڪيميڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي سي اي او حماد منصور به موجود هو. ملاقات دوران ڪيميڪل انڊسٽري کي درپيش مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ تجويزل ڪيل پيٽرو ڪيميڪل پاليسي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي معاشي ترقي جي ويزن موجب صنعتن کي مضبوط بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ملڪ جون صنعتون هن وقت هاءِ يوٽيلٽي ڪاسٽ، وڏن ٽيڪسن ۽ مهانگي قرضن جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت انهن چئلينجن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته هر صنعت جي ترقي ۽ مقامي مينوفيڪچرنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته قومي صنعتي پاليسي ترقي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته صنعتون پنهنجو ڪيس ۽ تفصيلي تجزيو پيش ڪري سگهن ٿيون ته جيئن ايندڙ بجيٽ ۾ بهتر تجويزون شامل ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ منصوبابندي ڪندي آهي ۽ سمورا فيصلا گڏيل اتفاق راءِ سان ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ لاڳاپيل صنعتن سان مشاورت کانپوءِ پيٽرو ڪيميڪل پاليسي پيش ڪندو، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ پاڪستان جي صنعتن ۽ عوام لاءِ ساگار ۽ سهولت فراهم ڪندو. هارون اختر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڏينهن رات محنت سبب معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ حڪومت صنعتي شعبي جي بحالي لاءِ پرعزم آهي.











