ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج مان پاڻي جو ڇوڙ 29 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر …

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج مان پاڻي جو ڇوڙ 29 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج مان پاڻي جو ڇوڙ 7 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1480.52 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1185.45 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ آهي.