وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران بورڊ آف پيس ۾ شرڪت جي دعوت تي واشنگٽن پهچي ويو

واشنگٽن – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران بورڊ آف پيس ۾ شرڪت جي دعوت تي واشنگٽن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم محمد شهباز شريف …

واشنگٽن – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران بورڊ آف پيس ۾ شرڪت جي دعوت تي واشنگٽن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ خميس ڏينهن واشنگٽن ۾ منعقد بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. واشنگٽن ۾ وزيراعظم جي اعليٰ آمريڪي عملدارن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن. بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آمريڪا جو دورو عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ، عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جي موثر ڪردار ۽ پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي ڪاميابين جي عڪاسي ڪري ٿو.